جاڙي جبل واري جنگ

جاڙي جبل واري جنگ: ڪڇ جي راڻي راءِ لاکي ۽ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچ ۾ هڪ جنگ جاڙي جبل تي لڳي هئي، جيڪا جاڙي جي جنگ جي نالي سان مشهور ٿي وئي. جاڙي جي جنگ ۾ ميان غلام شاهه ستر هزار سنڌي فوج سان راءِ لاکي جي مقابلي لاءِ ڪڇ ويو، جنهن تي راءِ لاکي رستي جي سڀني کوهن ۾ پٿر وجهرائي کوهه بند ڪرائي ڇڏيا پر ان هوندي به ميان غلام شاهه همت نه هاري ۽ جنگ لاءِ فوج سميت اڳتي وڌيو، راءِ لاکي جي فوج ڪڇ ۾ جاڙي جبل تي موجود هئي، اتفاق سان راءِ لاکي جي فوج وٽ جيڪي توبون هيون تن مان هڪ وڏي توب ڦاٽي پئي، جنهن سبب جبل تي موجود سندس ڪيترا سپاهي مري ويا ۽ باقي بچيل فوج ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اهو موقعو غنيمت ڄاڻي غلام شاهه ڪلهوڙي جي فوج جي بهادر سپاهين جاڙي جبل تي چڙهي مٿن حملو ڪري ڏنو. جاڙي جي جنگ ۾ ڪڇ جا وزير، سردار ۽ رئيس وڙهندي مارجي ويا، هن جنگ ۾ مير بهرام خان ٽالپر وڏي جانفشانيءَ سان وڙهيو. جاڙي جبل تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميان غلام شاهه جيئن ئي اڳتي وڌيو ته راءِ لاکي کيس صلح جو پيغام موڪليو ۽ پنهنجي ڀيڻ ميان غلام شاهه کي نڪاح ۾ ڏيڻ جي رضامندي ڏيکاريائين، جنهن کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 2 رجب 1176هه/ 17 جنوري 1763ع تي واپس موٽي آيو. جاڙو جبل ڪڇ جي علائقي ۾ اڄ به موجود آهي.



لفظ جاڙي جبل واري جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو